زندگي هڪ مرڪ

زندگي هڪ مرڪ

زندگي هڪ مرڪ

زندگي هڪ مرڪ (ڪتاب): هيءُ مشهور ڪهاڻيڪار غلام رسول ڪلهوڙي جي مزاحيه ۽ طنزيه ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو ليکڪ جي مزاحيه ڪهاڻين جو ٻيو نمبر مجموعو آهي. جڏهن ته سندس مزاحيه ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’ويرون ۽ لهرون‘ 1969ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد ڇپايو هو. جڏهن ته هيءُ ٻيو مجموعو اداره آواز ادب طرفان رسول بخش خمار نومبر 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو انتساب سنڌ جي ڏاهن اديبن محمد ابراهيم جويي، تنوير عباسي ۽ ظفر حسن شاهه جي نالي ڪيل آهي. جن جي همت افزائيءَ ۽ اُتساهه سبب کيس سنڌي ادب جي وسيع کيتر ۾ پير پائڻ جو موقعو مليو. ڪتاب جي ليکڪ ’ماڻهو ۽ مُرڪ‘ جي عنوان سان ٻه اکر لکيا آهن، جنهن ۾ هن ڪتاب ۾ شامل چوڏهن مزاحيه ڪهاڻين بابت لکيو آهي ته هنن ڪهاڻين جو مقصد ڪنهن کي نصيحت يا فهمائش ڪرڻ نه آهي. هن دؤر جو انسان پاڻ ئي عاقل، بالغ آهي. هن ڊيمي سائيز جي 117 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو